قاضي محمد جعفري ٺٽوي

قاضي محمد جعفري ٺٽوي : قاضي محمد جعفري ٺٽوي پنهنجي وقت جي مشهور عالمن مان هو. اچ ۽ ملتان ۾ فسادن سبب اچ مان بکر آيو ۽ ان کانپوءِ ٺٽي جو قاضي مقرر ٿيو. هن کي ديني علمن ۾ وڏي مهارت حاصل هئي ۽ مقدمن جا فيصلا وڏي انصاف ۽ احتياط سان ڪندو هو. ميرزا عيسيٰ ترخان جي ابتدائي دور ۾ وفات ڪيائين. قاضي محمد ٺٽوي، حضرت جعفر طيار بن ابيطالب عليه السلام جي اولاد مان هو. سندس اصل وطن هرات هو. ڄام نظام الدين سمي جي زماني ۾ جڏهن ميران محمد مهدي جو نپوري ٺٽي ۾ آيو تڏهن ان وقت جي عالمن ان جي تڪفير جي فتويٰ جاري ڪئي. پر قاضي محمد ان کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن بعد مهدي جونپوري هن کي ۽ هن جي اولاد کي تمام گھڻي دعا ڪئي. قاضي محمد اچ مان بکر آيو هو پر ”اچي“ نالي سان مشهور هو. قاضي شڪر الله ۽ قاضي محمد اصل هرات جا هئا. انهيءَ ڪري قاضي شڪر الله جي سفارش تي ميرزا شاهه حسن بيگ ارغون، قاضي محمد کي سڏائي قاضيءَ جو عهدو ڏنو. سندن اولاد پڻ وڏن وڏن عهدن تي فائز هو. قاضي محمد ٺٽوي 964 هه/1556ع م وفات ڪئي ۽ سندس قبر مڪليءَ تي آهي.


لفظ قاضي محمد جعفري ٺٽويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو